ٺارو ٽڪري

ٺارو ٽڪري: هي آمري ڪلچر واري دور جو ماڳ ڪراچيءَ کان اٽڪل چوراسي ڪلو ميٽر اوڀر طرف ڪراچي ٺٽي روڊ تي، گجو جي ڳوٺ کان ٻه ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه طرف شيخ ترابي جي تربت کان ڏکڻ اوڀر طرف ضلعي ٺٽي ۾ موجود آهي. هي ماڳ ٽڪريءَ تي آھي،اوچائي 11 ميٽرکن ٿيندي. ماڳ ۾ اسلامي دور جون اڏاوتون ۽ ڏاکڻي پاسي تاريخ کان اڳ جا آثار ملن ٿا. مجمدار ۽ پگٽ صاحبن کي کوٽائيءَ مان آمري دور جا ٿانو لڌا ھئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو